ٻن چئن مهينن جو وقت ڏکيو آهي، سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو : شوڪت ترين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين عوام کي مشورو ڏنو آهي ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ٻن چئن مهينن جو وقت ڏکيو آهي، سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته عام ماڻهو دٻاءَ ۾ آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي عالمي سطح تي وڌي رهي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ مهانگائي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي جيڪي شيون مهانگيون ٿيون اهي درآمد واريون شيون آهن، معيشت ۽ معاشي حالت سڌي رخ ۾ آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن وقت روينيو 36 سيڪڙو وڌيڪ رهيو، روينيو ۾ واڌ جو مطلب آهي ته ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي.  هن عوام کي دلجاهه ڏيندي چيو ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ٿورو اڃا صبر ڪيو، اگهه گهٽ ٿيندا. سندس چوڻ هو ته احساس آهي ته هيٺيون ۽ وچون طبقو پريشان آهي، سبسڊي ڏيڻ جي پروگرام آڻيون پيا، مارڪيٽ ڪرندي آهي ته هيڊ لائين بڻبي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *