ٻن مهينن ۾ سياسي بحران سان ملڪ کي پهتل نقصان جو ازالو ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته عوام کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان بچائڻ لاءِ چين وڃي رهيو آهيان ٻن مهينن ۾ سياسي بحران سان ملڪ ۾ پهتل نقصان جو ازالو ڪنداسين وزيراعظم نوازشريف چين وڃڻ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پنهنجي عوام کي ايندڙ سرگرمين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان بچائڻ لاءِ چين وڃي رهيو آهيان وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جا بهتري نتيجا نڪرندا اربين رپين جي منصوبن سان پاڪستان جي 10 لک کان وڌيڪ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا هن چيو ته گذريل ٻن مهينن ۾ سياسي بحران سان ملڪ کي گهڻو نقصان ٿيو نقصان جو ازالو ڪيو ويندو پاڪستان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي نوازشريف چيو ته چين جي تعاون سان شروع ڪيل منصوبن سان هزارين نوجوانن کي روزگار ملندو هن چيو ته حڪومت اسلام آباد ۾ ڌرڻن سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ جيڪو ممڪن ٿي سگهيو اهو ڪم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *