ٻن ملڪن جا سربراهه ملندا آهن ته سٺا اثر پوندا آهن، پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جو انتظار آهي: شهريار

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ٻن ملڪن جا سربراهه جڏهن ملندا آهن ته ان جا سٺا اثر پوندا آهن، اڳوڻي سفارتڪار شهريار خان لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيرس ۾وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي جي ملاقات مان سٺي اميد رکڻ گهرجي ، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز بابت مون وٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي، شهريار جو چوڻ هو ته ٻين جيان مون کي به ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيريز جو انتظار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *