
اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ٻن سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون مليون آهن اهي جهموريت سبب مليون آهن، اڄ دهشتگردي خلاف جيڪي ڪاميابيون مليون انهن ۾ مشڪلون اچي سگهن ٿيون ،خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ۾ جوانن قربانيون ڏنيون تڏهن وڃي ڪاميابيون مليون، حڪومتي قدمن سان دهشتگردي گهٽ ٿي آهي، سندس چوڻ هو ته چاهيون ها ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ کي ملايو ها ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه ٺهي ها، ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن جي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريتي پارٽي نه هئي.