ٻن دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽس غيرقانوني قرار، ٻيهر وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي منتظر ٻن دهشتگردن عطاءَ الله ۽ اعظم جي ڊيٿ وارنٽس کي غير قانوني قرار ڏيندي سندن نئين سر  ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ کين ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن عطاءَ الله ۽ اعظم جي ڊيٿ وارنٽس خلاف سندن وارثن ۽ کين ڪراچي منتقل نه ڪرڻ واري آءِ جي سنڌ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. دهشتگردن جي وارثن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  ته عطاءَ الله ۽ اعظم کي مليل سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي انڪري ڊيٿ وارنٽس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سينٽرل جيل سکر جو  سپرنٽينڊنٽ پيش ٿيا. بئنچ جي سربراهه جسٽس محمد علي مظهر  سکر جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان پڇاڻو ڪيو ته دستاويزن موجب ٻنهي جوابدارن جي  ڦاهي جي تاريخ 26 ڊسمبر مقرر ٿيڻ گهرجي، سڀاڻي ڦاهي جي تاريخ ڪئين مقرر ڪئي وئي آهي. ايڊوڪيٽ جنرل پاران مهلت طلب ڪرڻ بعد ٻيهر ٻڌڻي دوران عدالت ٻنهي دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽس کي غير قانوني قرار ڏيندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي نئين سر ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾  چيو آهي ته ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ڪنهن به جوابدار کي 7 ڏينهن اندر ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي انڪري قانون ۽ ضابطن جو خيالن رکندي ٻنهي جوابدارن جا ٻيهر ڊيٿ وارنٽس جاري ڪيا وڃن. اڄ ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ٻنهي دهشتگردن کي سکر کان ڪراچي منتقل نٿو ڪري سگهجي، پر گهرو کاتي پاران ٻڌايو ويو ته هو عدالتي حڪم تحت ٻنهي دهشتگردن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. گهرو کاتي جي آگاهي بعد عدالت ٻنهي دهشتگردن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضع رهي ته 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي فيصلي ۾ چيو هو ته جڏهن به جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي ته کين 15 ڏينهن اڳ سکر کان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. واضح رهي ته ٻنهي دهشتگردن کي سڀاڻي ڦاهي ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *