ٻاهريان عنصر قبيلائي علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ناڪام ويندا: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن جو عوام باشعور آهي، ضم ٿيل علائقن جي ترقي ۽ ان کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، حڪومت کي ان ڳالهه جو مڪمل احساس آهي ته ڪجهه ٻاهريان عنصر انهن علائقن۾ ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، ان لاءِ ضروري آهي ته ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان ٿيل ڪوششن جي حوالي سان ضم ٿيل عوام کي مڪمل طور تي باخبر رکيو وڃي ۽ ان کي هن سموري عمل ۾ هر حوالي سان شريڪ بڻايو وڃي، مالاڪنڊ، ٿري هائڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ پهوڙ هائڊرو پاور پراجيڪٽ جي رهتن جون ادائگيون، مڇاني هائڊرو پاور پراجيڪٽ جا معاملا ۽ پيڊو منصوبن تي انڪم ٽيڪس جي رعايت ڏيڻ جي معاملي تي وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت سان گڏجي اهي سمورا معاملا حل ڪيا وڃن، سومر تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪي پي ڪي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملا، خاص ڪري ضم ٿيل علائقن۾ ترقيتي رٿائن جي رفتار جي جائزي وارو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ عمر ايوب، محمود خان، نديم بابر، تيمور سليم خان، وفاقي ناڻي سيڪريٽري، سيڪريٽري رٿابندي، ڪي پي ڪي جو چيف سيڪريٽري، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن طارق بنوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي رٿائن تي عمل ۽ هن وقت تائين اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪي پي ڪي ۾ مختلف شعبن بابت منصوبن تي ڳالهائيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مختلف علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي جي فراهمي وارن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، ڪي پي ڪي جي شهرن ۾ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ سالڊ ويسٽ مئجمينٽ جي حوالي سان قومي پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ان ڏس ۾ سمورين صوبائي حڪومتن سان گڏجي قومي سطح تي سالڊ ويسٽ مئجمينٽ پاليسي جوڙڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي ته جتي شهرن جي صفائي ٿي سگهي اتي سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ جي حوالي سان منظم نظام جوڙيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ کي توانائي لاءِ ڪتب آڻي سگهجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *