ٻارڙن ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف خميس ڏينهن شوال واري علائقي جو دؤرو ڪيو ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين سان ملاقات ڪري ڪجهه وقت گذاريو. سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف دؤري دوران چيو ته فوجين جو مورال تمام گهڻو متاثر ڪندڙ آهي، آپريشن ۾ ٿيندڙ ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف چيو ته قبضي هيٺ آيل پهاڙين کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، هن هدايت ڪئي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو صفايو ڪيو وڃي. هر هنڌ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي مددگارن جو رابطو ٽوڙيو وڃي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ ڪنهن کي به ڪنهن جي ٻچڙن ۽ عوام کي مارڻ جي اجازت نه ڏينداسين. آرمي چيف چيو ته اسان انهن جا چهرا بي نقاب ڪنداسين جن ڪنهن به ريت ۽ ڪنهن به مرحلي تي دهشتگردن جي مدد ڪئي. پاڪ فوج جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جو ڪو ثاني ناهي، هن آپريشن جي غير معمولي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *