ٻارڙن سان جنسي زيادتي ڪندڙ ۽ وڊيو ٺاهيندڙ 7 کان 10 سال قيد ڀوڳيندو: بل منظور

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارڙن جي حقن جي تحفظ بابت فوجداري قانون ۾ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارڙن سان جنسي زيادتي توڙي غير اخلاقي وڊيو ٺاهيندڙ 7 کان 10 سال قيد ڀوڳيندو. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سنيٽر نسرين جليل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻارڙن جي حقن بابت فوجداري ترميمي بل جي منظوري ڏني وئي. وفاقي وزير زاهد حامد ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٻارڙن جي غير اخلاقي وڊيو ۽ تصويرون ٺاهيندڙ 2 کان ست سال جيل ڀوڳي سگهندو. بل جي متن ۾ چيو ويو ته ٻارڙن جي انساني اسمگلنگ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 کان ست سال قيد جي سزا ملندي. بئريسٽر ظفر الله چيو ته چيو ته قصور اسڪينڊل کي نظر ۾ رکندي ٻارڙن جي تحفظ واري قانون ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي قبائلي علائقن ۾ 2008 کان 2011 تائين فورسز جي ڪارروائين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *