ٺٽي ضلعي ۾ 9 مھينن دوران 2 ھزار کان وڌيڪ ماڻهن کي نانگ ڪکيو، ويڪسين اڻلڀ، 20 کان وڌيڪ فوت ٿيڻ جو انڪشاف

ٺٽو (ڊ.ر) ٺٽي ضلعي ۾ ھلندڙ سال جي 9 مھيني دوران 2 ھزار کان وڌيڪ ماڻهن کي نانگ ڪکيو، ويڪسين جي موجودگي جي دعويٰ باوجود 20 کان وڌيڪ مريضن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي ۾ برساتن بعد ڪوھستاني توڙي سامونڊي ۽ بئراجي علائقا پاڻي ھيٺ اچڻ کانپوءِ نانگ بلائون ٻرن مان نڪري آيون. ھلندڙ سال جي 9 مھيني تائين 2000 کان مٿي ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي نانگن ڪکي زخمي ڪيو.صحت کاتي جي 17 ڊسپينسرين، غير سرڪاري تنظيم پي پي ايچ جي ماتحت ھلندڙ 22 بنيادي صحت يونٽن توڙي ضلعي جي 6 آر ايچ سيز، ھڪ تعلقي ۽ ھڪ ضلعي سول اسپتال سميت 8 وڏين اسپتالن جي انتظام سنڀاليندڙ مرف تنظيم ۽ ضلعي ڪائونسل جي 26 ننڍين ڊسپينسرين سميت 72 اسپتالن ۾ نانگ کان بچاءَ ويڪسين نه هئڻ سبب 20 کان وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا. ڪوھستان توڙي سامونڊي پٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا رهيا آهن، پر صحت کاتي نوٽيس ناهي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *