ٺل لڳ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو، ڀائٽي هٿان چاچو قتل، پيءُ مرڻينگ

ٺل (م.ڊ) ٺل لڳ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو، ڀائٽي هٿان چاچو قتل، ٺل ويجهو ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزار خان ٻرڙي ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جتي ڀائيٽي گوليون هڻي پنهنجي چاچي الهداد برڙو کي قتل ڪري ڇڏيو،گوليون لڳڻ سبب پيءُ مرزا ٻرڙو شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب ٻن ڀائرن ۾ پلاٽ جي مامري تان جهيڙو ٿيو، ڀائٽي شعبان گوليون هڻي چاچي کي قتل ۽ پيءُ کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، اڃان تائين ڪا به گرفتاري ناهي ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *