يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ ۾ استادن کي ميرٽ جي گهرجن مطابق تربيت ڏيڻ لاءِ مرڪز بڻايا ويندا: کهڙو/آمريڪي قونصل جنرل

خيرپور(ڊ.ر( سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ ۾ استادن کي ميرٽ جي گهرجن موجب تربيت ڏيڻ لاءِ 3 سينٽر قائم ڪيا ويندا، اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيٰءِ ۾ پهرين سينٽر جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي آهي. هن اها ڳالهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ 1.5 ملين ڊالر جي لاڳت سان جُڙي راس ٿيل فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي عمارت جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪئي. ان کان اڳ صوبائي وزير تعليم نثار کهڙو ۽ ڪراچيءَ ۾ مقرر آمريڪا جي قونصل جنرل برائن هيٿ گڏيل طور تي عمارت جو افتتاح ڪيو. افتتاح واري موقعي تي سيڪريٽري تعليم، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه، پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي دپٽي مشن ڊائريڪٽر ڪيٿي مُور ۽ ٻيا موجود هئا. ان بعد منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ يو ايس ايڊ جيڪي به قدم کنيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. سنڌ ۾ استادن کي تربيت ڏئي تعليم جي معيار ۾ بهتري آڻڻ جي ڏس ۾ يوا يس ايڊ جي سهڪار سان خيرپور کان علاوه حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به سينٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل سينٽر ۾ 300 استادن کي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تربيت ڏني ويندي پر اهو انگ ڪافي ناهي. تربيت وٺندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه پڻ ڪئي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت ڪُل 8 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. آباديءَ جي حساب سان ڏسجي ته اهو انگ به ڪافي ناهي، شاگردن جو انگ به وڌيڪ هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ اسان ڪوششون وٺنداسين ته جيئن تعليم جي ميدان ۾ نوجوانن کي حصو وٺڻ لاءِ همٿائي سگهجي. نثار احمد کهڙو چيو ته اسان پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت جي هدايتن تحت سنڌ ۾ ميرٽ واري پاليسيءَ کي مستحڪم ڪري رهيا آهيون. ان ڏس ۾ لڳ ڀڳ 25 هزار نوجوانن کي ميرٽ تحت استاد جون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو جمهوري نظام هلي رهيو آهي اسان جي خواهش آهي ته ان کي ڪير به نقصان نه پهچائي سگهي. اهو نظام برقرار رهندو ته عوام کي ان جا فائدا به ملي سگهندا. ان موقعي تي خصوصي مهمان طور تي تقرير ڪندي آمريڪا جي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته سنڌ ۾ يو ايس ايڊ جي بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت استادن کي تربيت ڏيڻ وارو پهريون سينٽر قائم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بطور قونصل جنرل ڪراچي مقرر ٿيڻ کانپوءِ اندرون سنڌ جو هي منهنجو پهريون دورو آهي. هي دورو منهنجي لاءِ ان ڪري به اهميت وارو هو ڇو ته مون سمجهڻ پئي چاهيو ته ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ ڇا پئي سوچي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ادارن سان گڏجي سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي خوشي ٿيندي ته اهو ڪم مستقبل ۾ به جاري رکيو وڃي. تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ وارن منصوبن سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط به ٿيندا ۽ سنڌ صوبي ۾ نوجوانن ۽ ٻارڙن کي معياري تعليم به ميسر ٿي سگهندي. هن چيو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ سماجي سطح تي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري اسانجو اهم مقصد آهي. اهڙي ارادي سان اسان پاڪستان ۾ شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏينداسين. هن اهو پڻ ٻڌايو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل هن فيڪلٽيءَ آف ايجوڪيسٽن جي 2 بهترين شاگردن کي ميرٽ تحت پي ايڇ ڊيءَ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ڏني ويندي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ميٿي مُور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ معياري تعليم لاءِ وسيلن جي سيڙپ ڪري رهي آهي ان سان نه صرف معيار تعليم بهتر ٿيندو جڏهن ته زندگيءَ جو معاير به يقينن بهتر ٿيندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڪُل 85 ٽيچر ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ لازمي تعليم واري قانون تي ضرور عمل ڪرائيندي ته جيئن وڌ کان وڌ ٻار تعليم حاصل ڪندا رهن. تقريب کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه خطاب ڪندي چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي اتر سنڌ جي شهرن جي تقريبن 8 هزار شاگردن کي تعليم ڏئي رهي آهي. هيءَ پاڪستان جي ستين نمبر تي وڏي يونيورسٽي آهي. يو ايس ايڊ پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي بنيادي تعليم واري منصوبي لاءِ پارٽنر طور چونڊن اسان جي خوش نصيبي آهي. اميد آهي ته هن منصوبي سان علائقي ۾ تعليم جي معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته هن سينٽر ۾ داخلا ميرٽ تحت ٿيندي ۽ استادن کي دنيا جي جديد گهرجن موجب تعليم ڏيڻ ۽ نصاب کي بهتر ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي. تقريب کي سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل پيچوهو، ايڇ اي سيءَ جي نمائندي ڊاڪٽر رضا ڀٽي، سنڌ ايڇ اي سيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ ڪمشنر سکر عباس بلوچ، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مظهر علي مڱڻهار ۽ يونيوسٽيءَ جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *