يو ايس اوپن ٽينس سيرا ايراني ۽ فلاويا پيني يٽا تي ٻڌل اٽالين جوڙي وومينز ڊبلز جي ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي ويون

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) اٽلي جي سيرا ايراني ۽ سندس هم وطن جوڙي دار فلاويا پيني يٽا تي ٻڌل جوڙي پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي وومينز ڊبلز جي ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي ويون آهن. هن پري

ڪوارٽر فائينل ميچ ۾ آمريڪا جي فيفٿ سيڊ جوڙي کي هارائي ٽورنامينٽ جي ٽاپ ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. تفصيل موجب آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏيل وومينز ڊبلز جي پري ڪوارٽر فائينل رائونڊ ميچ م اٽلي جي سيرا ايراني ۽ سندس هم وطن فلاويا پيني يٽا شاندار راند پيش ڪندي آمريڪا جي راڪيول ڪوپس جونز ۽ ايبي گيل اسپيرس تي ٻڌل فيفٿ سيڊڊ جوڙي کي هارائي ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائينل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *