يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۾ معصوم حياتيون غير محفوظ آهن: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۾ معصوم حياتيون عير محفوظ آهن.اداڪارا پريانڪا يوڪرين جي جاري بحران تي رد عمل ڏيندي صورتحال کي ڀوائتو قرار ڏنو ۽ يونيسيف طرفان سندن مدد لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي.انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪندي هن لکيو ته يوڪرين ۾ صورتحال ڀوائتي آهي، بيگناهه ماڻهو پنهنجين ۽ پنهنجن پيارن جي حياتين لاءِ ڊپ ۾ مبتلا آهن جڏهن ته مستقبل ۾ غير يقيني صورتحال کي نيويگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته جديد دنيا ۾ اهڙا موڙ ڪيئن اچي سگهن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *