
نيون (اسپورٽس نيوز) يوڪرين تي حملي کانپوءِ روس کان اهم فٽبال مقابلي جي ميزباني ورتي وئي آهي.روس پنهنجي پاڙيسري ملڪ يوڪرين تي حملو ڪيو هو جنهن کانپوءِ جنگ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ دي يونين آف يورپين فٽبال ايسوسيئيشن (يوئيفا) چيمپئن شپ 2021-22 جو فائنل هلندڙ سال روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ رٿيل هو پر هاڻ ان جي ميزباني روس کان واپس ورتي وئي آهي.يوئيفا جي فائنل جي ميزباني هاڻي روس بدران فرانس ڪندو ۽ فائنل ميچ 28 مئي تي پيرس ۾ ٿيندي.يوئيفا ايگزڪٽو ڪاميٽي اهو فيصلو يورپ جي سيڪيورٽي صورتحال سبب ڪيو آهي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته يوڪرين ۽ روس جي قومي فٽبال ٽيمون ۽ ڪلبز ميچز ڪنهن نيوٽرل جاءِ تي کيڏي سگهندا.