يونيورسٽي روڊ جو آڪٽوبر ۾ افتتاح ڪندس، مختلف ترقياتي رٿائن تي جاري ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ): سنڌجي وڏي وزيرسيدمرادعلي شاهه چيوآهي ته مان نيپا کان صفوران چورنگي يونيورسٽي روڊ جو آڪٽوبر ۾ افتتاح ڪندس ۽ مختلف ترقياتي رٿائن تي جاري ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڪراچي پئڪيج تحت جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقيات محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي وزير سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات رمضان اعواڻ، ڪراچي پئڪيج جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو ۽ خالد مسرور سميت ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس ۾ جاري ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺندي شرڪت ڪندڙ سان مخاطب ٿيندي چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي رٿائون مڪمل ڪيون وڃن. وڏي وزير ڪراچي پئڪيج تحت 8004 ملين رپين جي 14 نيون اسڪيمون منظور ڪندي چيو ته نيپا کان صفوران چورنگي يونيورسٽي روڊ جو آڪٽوبر ۾ افتتاح ڪندس. منظور ڪيل نئين اسڪيمن ۾ (1) 350 ملين رپين جي لاڳت سان ٽينڪ چورنگي کان سپرهاءِ وي کان ٿڌو نالو روڊ جي تعمير (2) شاهراهه فيصل تي ڪارساز کان ٽيپو سلطان روڊ جي تعمير (3) 1.5 بلين رپين جي لاڳت سان شهيد ملت روڊ تي ٽيپو سلطان ۽ خالد بن وليد روڊ جي تعمير (4) 270 ملين رپين جي لاڳت سان يونيورسٽي روڊ کان راشد منهاس روڊ تائين اسٽيڊيم روڊ کي وسيع ڪرڻ (5) 644 ميلن رپين جي لاڳت سان لي مارڪيٽ ۾ پراڻي بازار جي بحالي، نيڪالي ۽ پاڻي جي فراهميءَ جا منصوبا (6) 1.5 بلين رپين جي لاڳت سان لانڍي روڊ تي ڪورنگي ڪراسنگ کان دائود چورنگي تائين ٻن نون فلاءِ اووز جي تعمير (7) 240 ملين رپين جي لاڳت سان ڪينٽ ريلوي اسٽيشن روڊ جي تعمير (8) 650 ملين رپين جي لاڳت سان ڦوارو چوڪ کان چڙيا گهر تائين ۽ صدر کان ميٽروپول هوٽل تائين روڊ جي تعمير (9) هڪ بيلن رپين جي لاڳت سان آءِ سي آءِ چوڪي تي انٽرچينج برج جي تعمير (10) 200 ملين رپين جي لاڳت سان حبيب بينڪ سائيٽ ويجهو نالي تي برج جي تعمير (11) 700 ملين رپين جي لاڳت سان سن سيٽ بليو وارڊ، گذري بليو وارڊ / التمش اسپتال برج جي تعمير (12) 70 ملين رپين جي لاڳت سان حسن اسڪوائر کان لياريءَ تائين نيڪالي واري نظام جي تعمير (13) 200 ملين رپين جي لاڳت سان شاهراهه فيصل تي اسٽار گيٽ کان چڪورا نالي تائين نيڪالي واري نالي جي تعمير (14) 400 ملين رپين جي لاڳت سان پاڻيءَ جي فراهميءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ حبيب بينڪ سائيٽ کان بلديا تائين نئين پاڻيءَ جي لائين وڇائڻ جا منصوبا شامل آهن. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مرا علي شاهه فيصلو ڪيو ته هُو يونيورسٽي روڊ (نيپا کان صفوران چورنگي) جو آڪٽوبر ۾ افتتاح ڪندو ۽ هن پي ڊي ڪراچي پئڪيج نياز سومري کي هدايت ڏيندي چيو ته مونکي سب ميرين انڊرپاس نومبر ۾ عوام لاءِ کولڻو آهي انڪري ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو ته ٽيپو سلطان روڊ تي فلاءِ اوو جو ڪم آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ شروع ڪيو وڃي، ان حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت جاري ڪندي هن چيو ته برج جي تعمير دوران ٽريفڪ جي رواني لاءِ متبادل رستا بڻايا وڃن. وڏي وزير اسٽيڊيم روڊ تي ٽائيمز اسٽور واري هنڌ تي جتي ٽريفڪ آغا خان اسپتال، لياقت نيشنل اسپتال کان اچي اسٽيڊيم روڊ وٽ ٽريفڪ جام ٿيندي آهي، اتي هن انڊرپاس تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته انڊرپاس فلاءِ اوور جي هيٺان تعمير ڪيو وڃي. اجلاس ۾ لي مارڪيٽ، جوڙيا بازار، صرافا بازار، جهونا مارڪيٽ جي روڊن جي تعمير ۽ علائقن جي ترقيءَ لاءِ فيصلو ڪيو ويو. هن لاڳاپيل آفيسر کي ڪينٽ اسٽيشن روڊ جي تعمير جلد شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته روڊ جي هيٺ جيتريون به پراڻيون پاڻي ۽ نيڪاليءَ واريون لائينون آهن اهي نيون وڇائڻ سان گڏوگڏ برسات جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو به انتظام ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي پئڪيج تحت جاري تمام رٿائن کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ ڪم جي معيار کي يقيني بڻائڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته جيترو ٿي سگهي جلد ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن ڇاڪاڻ ته جيئن عوام ان مان جلد لاڀ حاصل ڪري سگهي، انڪري جاري ۽ نئين اسڪيمن تي ڪمن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌجي وڏي وزير سيدمراد علي شاهه سان اڄ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر ڊاڪٽر عاصم حسين، ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي شهلا رضا، پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ايم پي اي سعيد غني، راشد رباني، تيمور سيال، راجا رزاق، امان الله مسعود، سردار خان، خالد لطيف، ذوالفقار قائمخاني ۽ ٻيا شامل هئا. هنن سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي ۾ جاري مختلف اسڪيمن خاص طور تي ڪچي آبادين کي درپيش مسئلن سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي ڪچي آبادين جي بحالي، ترقي ۽ اتي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪراچي پئڪيج تحت اربين رپين جا مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ۽ سموري شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي ترقيءَ جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ کين هدايتن تحت هن وقت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت عوام جي خدمت ۾ يقين رکندي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *