يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت مطابق شاگرد تيار ڪن، سمورا مذهب انسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ انصاف جو درس ڏين ٿا: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت موجب شاگرد تيار ڪن پنهنجي ثقافت ۽ روايتن تي هلڻ اهم آهي اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي جديد بنائڻو پوندو اڱاري تي صدر ڊاڪتر عارف علوي بحريه يونيورسٽي جي ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي چيوت ه ڊگريون حاصل ڪندڙ شآگردن کي پنهنجن والدين جو ٿورائتو هئڻ گهرجي هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت اهم آهي هن چيو ته سمورا مذهب انسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ انصاف جو درس ڏين ٿا هن چيو ته اسلام دنيا ۾ معاشرتي انقلاب آندو هن چيو ته اسلام پٺتي پيل طبقن ۽ اقليتن کي به حق ڏنا هن چيو ته پنهنجي ثقافت ۽ روايتن تي هلڻ اهم آهي هن چيو ته علم نوان رستا ڳوليندڙ قومون ترقي ڪن ٿيون هن چيو ته يونيورسٽين ۾ تحقيق جو عمل جاري رهڻ گهرجي هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ڪافي جديد ذريعا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *