يونيورسٽين جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ وي سي ميرٽ تي مقرر ٿيڻ گهرجن: عمران خان

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته يونيورسٽين جو انتظام ٺيڪ ڪرڻو آهي ته سربراهه ٺيڪ هئڻ گهرجي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شوڪت خانم اسپتال  ۾ 21 سال ۾ هڪ فرد کي به سفارش تي ڀرتي نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ فيصلي کانپوءِ ميرٽ جو ڍانچو تباهه ٿي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته ادارن ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ کانسواءِ کين مضبوط نه ٿو ڪري سگهجي. عمران خان چيو ته ڪوٽا سسٽم معاشري تي سڀ کان وڏو ظلم آهي، سڀ کان پهرين يونيورسٽين جي وي سين جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو چئلينج اهو آهي ته تعليمي ادارن کي خودمختيار بڻايو وڃي، مان ڊاڪٽر عطاءَ الرحمان جي سفارش تي وي سي مقرر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ميرٽ تي سليڪشن ٿيندي ته معيار بهترين ٿيندي. عمران خان چيو ته اسلام ۾ تعليم جي اهميت تي زور ڀريو ويو آهي، اسٽوڊنٽس يونينز کي داخلا جي ڪوٽا ڏيڻ ظلم ۽ شرم جوڳو آهي. ي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن جو نظام ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان جي ڪوشش هئي خيبر پختونخواهه جي اسپتالن ۾ بهتري آڻيون، هاڻي 95 سيڪڙو ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ به ڊاڪٽر موجود آهن، خيبر پختونخواهه جو هيلٿ بجيٽ 18 ارب کان 65 ارب تائين ڪيو ويو، پهرين صوبي ۾ 3 هزار ڊاڪٽرز هيا، ساڍا 6 هزار وڌيڪ ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا، خيبر پختونخواهه حڪومت جو هيلٿ ڪارڊ 24 لک خاندانن کي ڏنو ويو آهي، 6 مهينن ۾ هيلٿ ڪارڊ تي 70 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، هيلٿ ڪارڊ 18 لک خاندانن کان شروع ڪيو ويو، سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۾ سولر سسٽم لڳايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *