يونيسيف جي سهڪار سان پورهيو ڪندڙ ٻارڙن بابت سروي ڪري رهيا آهيون جئين انهن کي فني تعليم ڏئي سگهجي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ صوبائي حڪومت يونيسيف جي سھڪار سان ھڪ سروي جو اھتمام ڪري رھي آھي جنھن سان اھا ڄاڻ حاصل ڪري سگھبي تھ ڪيترا ٻار (چائلڊ) ليبر ليبر تحت ڪم ڪري رھيا آھن تھ جيئن انھن کي تعليم ۽ فني سکيا مھيا ڪري سگھجي جڏھن اھي مناسب ڄمار تائين پھچن تھ انھن کي باضابطا روزگار جا موقعا ملي سگھن. ھن اھا ڳالھھ اڄ جاپاني وفد جنھن جي اڳواڻي ايسوسيئيشن فار اوورسيز ٽيڪنيڪل ڪارپوريشن اينڊ سسٽينئيبل پارٽنرشپ (اي او ٽي ايس) جي مئنجنگ ڊائريڪٽر جوجي ٽاٽيشائي ڪري رھيو ھو سان ڳالھائيندي ڪئي، جڏھن تھ وفد جي ٻين ميمبرن ۾ ھوسائي يونيورسٽي آف ٽوڪيو جو پروفيسر ڊاڪٽر ھِرويوڪِي فيوجي مُرا ۽ ايجي ٽوشيما، مائيتو يوشيمرا شامل ھئا. اجلاس ۾ ايمپلائيز فيڊريشن آف پاڪستان (اي ايف پي) جي وفد بشمول صدرن مجيد عزيز، زڪي خان، فيروز عالم، اسماعيل ستار، سيد نذر علي، فصي الڪريم، رابيعا انور ۽ شمائل رضوي شامل ھئا. وڏي وزير جي معاونت صوبائي وزير محنت مرتضيٰ بلوچ، سيڪريٽري انويسٽمينٽ احسن منگي، سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي ۽ ڪمشنر سيسي ڪاشف گلزار ڪئي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ فيڪٽريز ايڪٽ 2015ع تحت 14 ورھين کان گھٽ ڄمار وارن ٻارن لاءِ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي. ھن چيو تھ يونيسيف جي سھڪار سان سموري سنڌ چائلڊ ليبر سروي ڪرايو پيو وڃي جنھن لاءِ سندس حڪومت 96 ملين رپيا مختص ڪيا آھن. ھن چيو تھ ھڪ ڀيرو سروي مڪمل ٿي وڃي تھ حڪومت ٻارن کي فني تعليم فراھم ڪرڻ جي قابل ٿي سگھندي تھ جيئن اھي صنعتي شعبي ۾ اڳتي ھلي بھتر روزگار حاصل ڪري سگھن. سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگيءَ وڏي وزير کي يقين ڏياريو تھ اھو سروي ڊسمبر 2019ع جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ھن چيو تھ گھٽ ۾ گھٽ ويج تي عملدرآمد ۽ چائلڊ ليبر جي خاتمي جي حوالي سان منسٽرز ٽاسڪ فورس بڻائي وئي آھي جنھن جو سربراھھ ڊائريڪٽر ليبر آھي ۽ ان سان گڏ ناليوارو ليبر اڳواڻ ۽ ايمپلائيز فيڊريشن آف پاڪستان اينڊ چيمبرز جا نمائندا شامل آھن. وڏي وزير چيو تھ ضلعي ڄامشوري کي ”چائلڊ ليبر کان پاڪ“ قرار ڏنو ويو آھي ۽ سندس حڪومت ٻين ضلعن کي بھ چائلڊ ليبر کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ غيرھنرمند ورڪرز لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 16200 رپيا مقرر ھئي ۽ ھلندڙ مالي سال دوران سندس حڪومت گھٽ ۾ گھٽ اجرت 17500 رپيا ڪري ڇڏي آھي. وڏي وزير دورو ڪندڙ اي او ٽي ايس جاپان جي وفد تي زور ڀريو تھ اھي چائلڊ ليبر ۾ ملوث ٻارن لاءِ فني سکيا/ بنيادي تعليم جو اھتمام ڪيو وڃي تھ جيئن اھي ھنرمند ورڪرز بڻجي سگھن. اي او ٽي ايس وفد ۽ اي ايف پي چيف مجيد عزيز وڏي وزير کي يقين ڏياريو تھ اھي ٻارن ۽ ٻين نوجوانن کي فني سکيا جا ڪورس ڪرائيندا تھ جيئن اھي صنعتن ۾ ايڊجسٽ ٿي سگھن. مراد علي شاھھ چيو تھ ڪم ڪندڙ ٻارن کي ورڪ فورس ۾ شموليت کان پھرين فني سکيا سان گڏ بنيادي تعليم پڻ ڏني وڃي. ھن چيو تھ اسان چائلڊ ليبر جي خاتمي جا خواشمند آھيون ۽ سندس انھن (ٻارن) کي تعليم ۽ ٽيڪنيڪل پروگرامن دوران ڪجھھ معاوضو پڻ ڏنو ويندو تھ جيئن انھن جي ھمت وڌائي سگھجي ۽ اھي پنھنجون خدمتون صنعتي شعبي لاءِ بھتر ريت انجام ڏئي سگھن. وڏي وزير دور ڪندڙ وفد کي سيڙپڪاريءَ جي موقعن کان فائدو وٺڻ جي پڻ آڇ ڪئي. ھن چيو تھ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي صوبائي حڪومت ترقي ڏئي رھي آھي ۽ ھتي سيڙپڪارن لاءِ وڏا موقعا موجود آھن. ھن وفد کي ھتي سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. سيڪريٽري سيڙپڪاري احسن منگيءَ وفد کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون بابت بريفنگ ڏني ۽ انھن کي علائقي جي دوري جي دعوت ڏني ۽ جئين اھي اتان جي ترقي جي حوالي سان سھڪار ڪري سگھن. صوبائي وزير محنت مرتضيٰ بلوچ وفد کي سندس کاتي پاران محنت ڪندڙ لاءِ ڪيل اپائن بابت آگاھھ ڪيو. ھن محنت کاتي پاران صحت جي سھولتن، اسڪولن ۽ رھائشي ڪالونين کي قائم ڪرڻ جي حوالي سان آگاھھ ڪيو. وفد وڏي وزير کي يقين ڏياريو تھ اھي سکيا جي پروگرامن تي ڪم شروع ڪندا ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سيڙپڪارن کي آڻينداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *