يونس خانکي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ ٺاهڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو: چيئرمين پي سي بي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ (پي سي بي) جي چيئرمين شهريار خان يونس خان کي ملڪ طرفان ٽيسٽ ميچن ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سموري قوم کي ان تي فخر آهي، يونس خان انگلينڊ جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ جاويد ميانداد کي پوئتي ڪندي پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، پنهنجي هڪ بيان ۾ چيئرمين پي سي بي چيو ته يونس خان پاڪستان ڪرڪيٽ جو بهترين ايمبيسيڊر آهي، هن ماضي ۾ انفرادي طور تي جيترا به رڪارڊ قائم ڪيا اهي نه صرف ان لاءِ بلڪ پور قوم لاءِ فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *