يوم يڪجهتي ڪشمير ان عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ته پوري پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺي آهي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير ان عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ته پوري پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جارحيت سان ڪيل قبضي جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا جيڪڏهن منصفاڻي رائي شماري ٿئي ته ڪشميرين کي انهن جو جائز حق ضرور ملندو، 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته اڄ پاڪستاني قوم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي من ماني جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي. اسان پوري پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ اٿاري ويندڙ آوازن ۾ پنهنجو حصو ملائڻ چاهيون ٿا. باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو اهو فرمان اسان جي لاءِ مشعل راھ آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شريان آهي ۽ پاڪستان جي استحڪام جي لاءِ مسلسل جهدوجهد جاري رهندي پاڪستاني قوم ڪشمير جي آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ پنهنجو اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته ڀارت عالمي مبصرن جي نگراني هيٺ رائي شماري ڪرائڻ کان هميشه ڪيٻائيندو رهيو آهي ڇو ته کيس پنهنجي شڪست جو پورو يقين آهي ۽ هو اهو ڄاڻي ٿو ته ڪشمير جي اڪثريتي آبادي مسلمان آهي ۽ پاڪستان سان الحاق چاهي ٿي. ڪشميري ڀائرن، بزرگن، مائرن ۽ ڀينرن کي بدترين رياستي تشدد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪري بين الاقوامي ڏوھ ڪيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نٿو ڪري سگھجي ۽ جلد يا دير ڪشميرين کي پنهنجو حق ضرور ملندو ۽ ڀارتي قبضي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي جي فضا ۾ ساھ کڻندا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي مرڪزي شهري ادارو هجڻ جي ناطي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۾ پيش پيش آهي. هر سال 5 فيبروري تي اهليان ڪراچي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ۽ مختلف پروگرام منعقد ڪندا آهن ڇو ته اسان کي ان ڳالھ جو احساس آهي ته ڀارتي قبضي هيٺ ڪشميري هر سطح تي اسان جي مدد ۽ حمايت جا حقدار آهن ۽ اسان کي پنهنجي فرض کان غافل نه ٿيڻ گھرجي ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين حصن مان ڪشميرين جي حق خوداراديت ۽ آزادي جي لاءِ اٿندڙ آواز رائيگان ناهين ويندا. ان ڪري اسان کي عالمي سطح تي دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکڻ گھرجي ته جيئن ڪشمير جي آزادي جي منزل ويجھي ٿي سگھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *