يوم دفاع ڪشمير سان يڪجهتي طور ملهايو ويو، دشمن کي ڀرپور رد عمل لاءِ تيار آهيون: صدر/وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)6 سيپٽمبر جو ڏينهن سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع پاڪستان ۽ ڪشمير سان يڪجهتي طور ملهايو ويو، مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان يوم دفاع تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان يڪجهتي ڏهاڙو ملهائڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ سرڪاري ادارن ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ يوم دفاع ۽ ڪشيمر بابت مختلف تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن. مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي، پاڪستان  پنجاب رينجرز جي دستن سلامي ڏني ۽  گارڊز جي ذميواري سنڀالي، مياني صاحب قبرستان ۾ ميجر شبير شريف شهيد جي قبر تي گل ڇٽريا ويا ۽ فاتحه خواني ٿي، جنهن کان پوءِ فوج جي جوانن سلامي ڏني. برڪي علائقي ۾ ميجر عزير ڀٽي شهيد، باٽاپور ۽ مناوان ۾ 1965ع جنگ ۾ حياتيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي يادگارن تي حڪومتي، فوجي شخصيتن ۽ عام شهرين طرفان گل ڇٽري چادرون ڇاڙهيون ويون ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. پاڪستان ايئرفورس جي انتظام هيٺ لاهور ائير بيس ۾ پاڪ فضائيا جي استعمال هيٺ جنگي جهازن ۽ ٻين سامان جي نمائش ٿي جڏهن ته ائيرفورس جي جديد جهازن فلاءِ مارچ به ڪيو.  اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزير اعظم عمران خان يوم دفاع جي موقعي تي دشمن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان دشمنن کي ڀرپور رد عمل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وزير اعظم عمران خان يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي پر پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري تي سمجهوتو به نه ڪندو. وزير اعظم چيو ته قوم دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو جواب ۽ ڀرپور رد عمل ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي پاسي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم دفاع جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته 6 سيپٽمبر تي سج اسان جي قومي ولولن جي ياد تازي ڪرڻ جي عهد جي تجديد آهي. ملڪ جي صدر چيو ته 54 سال پهرين اسان جي بهادر فوج سڄي قوم سان گڏجي دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو هو ڇو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج جدت سان گڏوگڏ حب الوطني جي جذبي سان ليس آهي. ملڪ جي صدر هٿياربند فوج جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هٿياربند فوج ڪنهن به اندرين چيلينج ۽ ٻاهرين مهم جوئي کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي صدر جو ان موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چوڻ هو ته اڄ ان عهد جي تجديد ڪيون ٿا ته ڪشميرين کي انهن جو حق خوداراديت ڏياري ئي رهنداسين ڇو ته اسان پرامن قوم آهيون، امن جي قيام جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *