يوم تشڪر ملهائڻ جو اعلان، نواز شريف سان شروع ٿي وئي، هاڻي وڏن ڦورن جو وارو اچڻ وارو آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان سڀاڻي آچر تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ شروعات آهي، آئينده ٻيا به وڏا وڏا چور پڪڙيا ويندا، منهنجي نواز شريف سان ڪا به ويڙهه نه هئي، جي آءِ ٽي جا ميمبر قوم جا هيرو آهن، عدالت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، عدالت چاهي ته طاقتور جو به احتساب ٿي سگهي ٿو، ڪارڪن پرامن رهن، حڪومتي وزيرن شوڪت خانم اسپتال تي حملا ڪيا جنهن سان مونکي وڌيڪ تڪليف ٿي، جمعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪوشش انسان ڪندو آهي ۽ ڪاميابي الله ڏيندو آهي، هن چيو ته 2013 ۾ جدوجهد شروع ٿي، جدوجهد پنهنجي ذات نه پر پاڪستان لاءِ ڪئي، ڏيڍ سالن کان عدالتن کان انصاف گهرندا رهياسين، هن چيو ته شريف خاندان جا اربين رپين جا محل آهن، هڪ هزار ارب ساليانو مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه موڪليو ويندو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترو قرض نه ورتو ويو، هڪ سال ۾ 10 ارب ڊالر جو قرض ورتو ويو، هن چيو ته اسان کي پنهنجن وسلين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، 60 ڏينهن ۾ جي آءِ ٽي وڏو ڪم ڪيو. هن چيو ته سڄي قوم کي شڪراني جي ڏهاڙي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. آچر تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ شڪراني جي ڏهاڙي جي حوالي سان جلسو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *