يوحنا سانحو، وڌيڪ ٻه زخمي فوت، واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

لاهور (بيورو) يوحنا آباد ۾ عيسائي عبادتگاهن ٻاهران ٿيل خودڪش ڌماڪن جا وڌيڪ ٻه زخمي فوت ٿي ويا جنهن سان فوتين جو جملي انگ 17 ٿي ويو 60 سالن جو برڪت مسيحي ۽ 25 سالن جو خوشي مسيحي خودڪش ڌماڪن ۾ سخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا جتي اهي گذريل ڏينهن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ذريعن مطابق اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت سانحي يوحنا آباد جي جاچ لاءِ پنج رڪني جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي جنهن جي سربراهي ڊي ايس پي ڪاحنا اقبال شاهه ڪندو جڏهن ته جاچ ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي، سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ جا  آفيسر پڻ شامل هوندا جوانٽ انويسٽيگيشن ٽيم واقعي جي جاچ ڪري پنهنجي شروعاتي رپورٽ 48 ڪلاڪن ۾ پنجاب حڪومت کي پيش ڪندي واضح رهي ته آچر جي ڏينهن يوحنا آباد گرجا گهرن ٻاهران آپگهاتي ڌماڪن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *