يمن ۾ سعودي عرب ۽ اتحادي ملڪن جي بمباري، حوثي باغي عدن ايئرپورٽ تي پوئتي هٽي ويا

عدن (م.ڊ) يمن ۾ سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي جهازن جي مسلسل بمباري کانپوءِ حوثي باغين جي مخالف مليشيا عدن جي عالمي هوائي اڏي جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان يمن ۾ حوثي باغين جي ٺڪاڻن تي بمباري جو سلسلو جاري آهي ان جي باوجود حوثي باغي ملڪ جي مختلف حصن ۾ مسلسل اڳڀرائي ڪري رهيا آهن ڏکڻ يمن جي سڀ کان اهم شهر عدن ۾ حوثي باغين ۽ ان جي مخالف مليشيا وچ ۾ گذريل 3 ڏينهن کان ويڙهه جاري آهي ۽ حوثي مخالف مليشيا عدن جي هوائي اڏي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي مصر ۾ منعقد عرب سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته يمن ٻاهرين مداخلت جي نتيجي ۾ حوثي مليشيا جي آڱرين تي ڳڻجندڙ گروهه کي پوري ملڪ تي مڙهيو ويو آهي حوثي باغين جا عزم انتهائي خطرناڪ آهن. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون عرب اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته هو يمن جي بحران کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ واضح لائحه عمل اختيار ڪن، ان کان علاوه يمن جي اڳوڻي صدر علي عبدالله صلاح به چيو آهي ته عرب ليگ يمن جو بحران پرامن طريقي سان حل ڪري ڇو ته اهو مسئلو هوائي حملن سان حل ٿيڻ وارو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *