يمن ۾ اتحادي فوجن جي بمباري جو سلسلو جاري، 14 ڄڻا مارجي ويا

صنعا (م.ڊ) يمن ۾ اتحادي فوجن جي بمباري جو سلسلو جاري آهي اڄ رات ٿيندڙ حملن ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا يمن جي شهر مڪلا ۾ سخت جهڙپن جو سلسلو رات به جاري رهيو، سعودي عرب ۽ اتحادي فوجن جون حوثي باغين خلاف ڪارروايون جاري آهن يمني گادي واري شهر صنعا ۾ 11 ڏينهن به اتحادين طرفان هوائي بمباري ڪئي وئي، حملن ۾ وڌيڪ 14 ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن گذريل ڏينهن ريڊ ڪرسنٽ طرفان امدادي ڪمن لاءِ هڪ ڏينهن جي جنگبندي جي اپيل به ڪئي وئي هئي، جنهن تي يمني اختيارين طرفان غور ڪيو پيو وڃي يمن جي شهر مڪلا ۾ باغين ۽ يمني فوج وچ ۾ سخت جهڙپون جاري آهن تازين جهڙپن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو، هوڏانهن يمني پرڏيهي وزير رياض ياسين دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صدر علي عبدالصالح يمن کان روس فرار ٿي ويو آهي يمن ۾ گذريل ٻن هفتن کان جاري ويڙهه ۾ ساڍا 5 سئو ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 17 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *