يمن معاملي تي حڪومت ڪو به رابطو نه ڪيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته يمن معاملي تي حڪومت ساڻن ڪو به رابطو نه ڪيو آهي، پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس سندن مطالبي تي ٿي رهيو آهي. پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي پوري ڪوشش ڪئي ته پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف وارن جون استعيفائون منظور ڪيون وڃن ها ته اڄ ملڪي منظر نامو تبديل هجي ها. مخالف ڌر جي  اڳواڻ چيو ته پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ يمن معاملي تي سڀني جو موقف سامهون اچڻ گهرجي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هو پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ يمن معاملي تي پنهنجو ڀرپور موقف پيش ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *