يمن فوج موڪلڻ بدران پاڪستان ٽياڪڙي ڪري: مخالف ڌر جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) يمن ۾ گهرو ويڙهه بابت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جماعتن، يمن فوج موڪلڻ بدران پاڪستان کي ٽياڪڙي جو ڪردار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته يمن جي صورتحال تي حڪومتي رويو بهتر آهي، ترڪي ۽ پاڪستان کي گڏجي رستو ڪڍڻ گهـُرجي. خورشيد شاهه چيو ته پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪرڻ گهرجي، معاملو حساس آهي ته سمورين جماعتن جي سربراهن کي بند ڪمري واري اجلاس ۾ اعتماد ۾ ورتو وڃي. نيشنل پيپلز جي سينيٽر مير حاصل بزنجو اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يمن جي گهرو ويڙهه ۾ پاڪستان جو ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي وچ اوڀر جي تناظر ۾ ورتو وڃي. حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته هـُو مسلمان جي حيثيت سان سعودي عرب ۽ مقدس جاين جو احترام  ڪن ٿا، عرب اسپرنگ کانپوءِ خطي جي سياست بدلجي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ آمريڪا ۽ اسرائيل علائقائي معاملن تي هڪ صف تي ناهن. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته استعماري قوتن عرب ليگ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو، شام، عراق ۽ ليبيا ۾ قوميت جي بنياد تي باهه ڀڙڪائي وئي اڄ اهي ملڪ دنيا ۾ تماشو بڻجي ويا آهن هاڻي يمن ۾ هڪ ٻيو تڪرار اٿاريو ويو آهي. سراج الحق چيو ته هـُو يمن ۾ ٿيندڙ جنگ کي به گريٽ گيم جو حصو سمجهن ٿا. هن چيو ته يمن جي جنگ ۾ ڪاميابي به خسارو آهي، ان جو فائدو رڳو هٿيار وڪڻندڙن کي ٿيندو، ان ڪري پاڪستان کي هن وقت جنگ جو حصو بڻجڻ بدران حل ڪرڻ ڏانهن وڌڻ گهرجي. سراج الحق چيو ته پاڪستان جي سعودي عرب، ايران ۽ چين سان دوستي اها آهي ته اهو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري. عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور چيو ته سعودي عرب هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جنهن تي هـُو انهن جا ٿورائتا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪا فرقيواراڻو جهيڙو ناهي پر جيڪڏهن هن جنگ ۾ حصو ورتو ويو ته پوءِ ملڪ ۾ جنگ ٿيندي، ان ڪري پاڪستان کي مسئلي جي پـُرامن حل ڏانهن وڌڻ گهرجي. قاف ليگ جي مشاهد حسين سيد چيو ته ائٽمي ڌماڪن ۾ سعودي عرب پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مدد ڪئي هئي. هن چيو ته يمن ۾ ٿيندڙ جنگ مان سعودي زمين کي ڪو به خطرو ناهي، پاڪستان کي جنگ بندي ۽ يمن ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مشاهد حسين سيد تجويز ڏني ته پاڪستان يا ترڪي کي سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪري تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهـُرجي. پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پاڪستان يمن جنگ جو حصو بڻجڻ بدران مسئلي جي پـُرامن حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. فرحت الله بابر چيو ته حملو سعودي عرب تي نه پر يمن تي ٿيو آهي، يمن جي صورتحال تي اِن ڪيمرا اجلاس گهـُرايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي ايوان ۾ واپسي جمهوريت جي فتح آهي، گذريل ڏينهن ايوان ۾ باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فرحت الله بابر چيو ته پي ٽي آءِ خلاف انتهائي خراب زبان استعمال ڪئي وئي، حڪومت کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *