يمن خلاف سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ کان اڳ پارليامينٽ جي راءِ ورتي وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سعودي عرب جو يمن خلاف ساٿ ڏيڻ کان اڳ پارليامينٽ جو اجلاس سڏائي راءِ ورتي وڃي، سعودي عرب جي سرزمين کي ڪو خطرو ٿئي ته ان کي ڪو به مسلمان برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي عالم اسلام جي اتحاد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته هڪ مسلمان ۽ پاڪستاني جي حيثيت وچ ايشيا جي حوالي سان اسان جو فرض آهي ته اسان ايوان ۾ ڳالهايون، هن چيو ته وچ ايشيا جي جنگ ۾ جيڪڏهن پاڪستان شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو ته سندس خيال آهي ته ان لاءِ ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي ايوان سڄي پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ايوان آهي، هن چيو ته سعودي عرب سان اسان جو اڻ ٽٽ رشتو آهي، پاڪستان کي ٻرندڙ باهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي قيادت کي گهرجي ته سعودي عرب، يمن ۽ شام سميت سمورن اسلامي ملڪن ۾ وڃي عالم اسلام جي اندروني ڪرود کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته سمورا اسلامي ملڪ پنهنجي بقا ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صله جي دين جي تحفظ لاءِ پهريان اندروني طور تي امن قائم ڪن، اڄ اسان پاڻ انتشار جو شڪار آهيون، اسان کي ان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ نه گهرجي، هن چيو ته اسان کي ماضي کي آڏو رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن، پنهنجي پرڏيهي پاليسي درست ڪرڻ گهرجي، سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، حڪومت کي پارليامينٽ تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري يا ڪل جماعتي ڪانفرنس طلب ڪري سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي، هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ عالم اسلام ۾ اتحاد قائم ڪري، خدا ڪري عرب ليگ کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي، مسلمانن جي جنگ ڪنهن جي به حق ۾ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *