يمن جي معاملي تي پاڪستان ۽ ترڪي مصلحتي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: ناڻي وزير

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته يمن جي معاملي تي پاڪستان ۽ ترڪي مصالحتي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ٻنهي گروپن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ چاهيون ٿا خليجي ملڪن مان پاڪستانين کي بيدخل ڪرڻ جو ڪوئي امڪان نه آهي گناهگار ماڻهو آهيان حرمين شريفين جو دفاع ڪندي مرڻ لاءِ تيار آهيان پاڪستان جي سعودي عرب سان خاص ويجها لاڳاپا هئا قائم رکڻ چاهيونٿا حوثين جي مذمت ڪيون ٿا حڪومت جي برطرفي جي ڪنهن  هٿياربند گروپ کي اجازت نه هئڻ گهرجي آمريڪا جي دوري جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته يمن جي تقرار ۾ پاڪستان جي موقف جي بنياد تي سينٽرل اوڀر ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني ورڪرز جي اتان نڪرڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو ناڻي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب 1982 ۾ هڪ فوجي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تحت سعودي عرب کي پاڪستاني فوجين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو حقدار قرار ڏنو ويو هو هن چيو ته هي انتظام هڪ مختلف مقصدن لاءِ هئا ۽ ان بابت ڳالهائڻ قومي مفاد ۾ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *