يمن جي معاملي تي پاڪستان کي غير جنابدار رهڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته دُنيا اندر هر شعبي ۾ مقابلا ۽ چئلينجز شروع ٿي چڪا آهن پر اسان رُڳو هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ پورا آهيون، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي آهي جنهن تي ڪنٽرول لاءِ اسان سڀني کي گڏجي رٿابندي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڊپٽي ڪمشنر سکر آفيس ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڊوميسائيل رجسٽريشن سينٽر جي افتتاح دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته بنگلاديش به آباديءَ تي ڪنٽرول ڪري ويو آهي پر پاڪستان ۾ آبادي تي ڪنٽرول لاءِ بهتر رٿابندي نه هئڻ ڪري اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن نه ڪري سگهيا آهيون، ملڪ جو الميو اهو آهي ته اسين 20 ڪروڙ ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي به مهيا نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته پ پ جي گذريل حڪومت غربت بابت سروي ڪرايو، جنهن ۾ غربت جي ڪل شرح 67 سيڪڙو آهي، جنهن مان 16 سيڪڙو هيٺين سطح جي غربت آهي، 48 کان 70 سيڪڙو تائين ٻار اسڪول وڃن ٿا. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سکر ۾ هڪ ٻيو پراجيڪٽ به آندو پيو وڃي جيڪو سکر ضلعي جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڊيٽا گڏ ڪري سڃاڻپ ڪندو ته جيئن ٻه ٻه نوڪريون ڪندڙ ۽ جعلي طريقي سان پگهارون کائيندڙن جي نشاندهي ٿي سگهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ غيرجانبدار رهڻو پوندو، يمن ۽ سعودي عرب جي سرحدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان اڳ ئي افغانستان جي باهه ۾ سڙي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال سٺن آفيسرن جي سخت محنت ڪري بهتر ٿي آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن جي شرح تمام گهٽجي وئي آهي، ڪار ۽ موٽرسائيڪلن جي ڦر 5 سيڪڙو بچي آهي. افتتاح جي موقعي تي ڊوميسائيل رجسٽريشن سينٽر جي انچارج ٻڌايو ته هن سينٽر تي 4 ملين رپيا خرچ آيو آهي، جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تيار ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڊوميسائيل ۽ پي آر سي لاءِ 520 رپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر ڊوميسائيل تيار ڪري ڏنو ويندو. بعد ۾ سول سروسز اڪيڊمي جي ڪامياب اُميدوارن جي هڪ وفد ڊي سي آفيس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه سان ملاقات ڪئي. هن وفد کي چيو ته اهي غريب آبادي جو دورو ڪن ۽ اُنهن جي مسئلن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ پلاننگ ڪن، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سسٽم کي بيورو ڪريسي هلائي رهي آهي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ سندن ڪردار اهم آهي. اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊجيٽل لائبرري جو افتتاح ڪيو ۽ معائنو پڻ ڪيو. بعد ۾ سيد خورشيد احمد شاهه پوليس لائين سکر ۾ پوليس ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اهلڪارن ۽ عملدارن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *