يمن جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي يمن جي معاملي تي ڪنهن به فيصلي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، سکر  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سعودي عرب سان اسان جا ڀائيپي وارا لاڳاپا آهن جڏهن ته اسان جنگ حالت ۾ آهيون ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال نازڪ آهي، ان لاءِ يمن جي معاملي تي ڪنهن به فيصلي کان اڳ وزيراعظم نواز شريف کي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري آهي نائن زيرو مان پڪڙيل جوابدار حراست ۾ آهن ۽ آپريشن ۾ ڪنهن مخصوص   سياسي تنظيم کي نشانو نه پيو بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *