يمن جي جنگ ۾ ڀائيواري ڪرڻ درست نه آهي: عمران خان

لاهور(بيورو) لاهور ۾ هڪ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته مون پاڻ سان لاڳاپيل ڪنهن قسم جي آڊيو ٽيپ في الحال ناهي ٻڌي جڏهن ته قانوني طور تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ ڏوهه آهي جيڪڏهن چاهيان ته نواز شريف جي گانن جي ٽيپ سامهون آڻيان، ايئن  ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي هن چيو ته مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪنهن کي نه چيو هوندو ٽارگيٽ ڪلنگ ڪريو ۽ ڀتو وصول ڪريو جوڊيشل ڪميشن تي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن جو چوڻ هوته جوڊيشل ڪميشن تي حڪومت سان گذريل 3 مهينن کان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ۽ ان باري ۾ سمورا تفصيل ميڊيا جي سامهون آندا هئا پر ڪالهه پيغام مليو آهي ته حڪومت ايم او يو تبديل ڪرڻ چاهي ٿي مان وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي واضح ڪرڻ ڇڏڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن حڪومت هاڻ پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي ته اسان ٻيهر رستن تي نڪرنداسين ۽ حڪومت سان ٻيهر ڪابه ڳالهه نه ٿيندي هن چيو ته مسلم ليگ ن کي ڊپ آهي ته جوڊيشل ڪميشن ۾ ان جي ڌانڌلي سامهون اچي ويندي مسلم ليگ ن جيڪڏهن هاڻ جوڊيشل ڪميشڻ جي معاهدي  تان پوئتي هٽي ته واضح ٿي ويندو ته حڪومت ڊنل آهي يمن جي جنگ ۾ شرڪي ٿيڻ جي حڪومتي فيصلي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٻاهرين جي جنگ م شريڪ ٿياسين ته ملڪ ۾ وڌيڪ حالتون خراب ٿي وينديون، جيڪڏهن ڪنهن جي جنگ ۾ ڌر بڻجي وياسين ته اهو پاڪستاني قوم سان وڏو ڏوهه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *