يمن بحران: اپوزيشن پارٽين اي پي سي گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) بلاول هائوس ڪراچي ۾ اپوزيشن تنظيمن جي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اسفند يار ولي، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد سردار، راشد محمود سومرو ۽ اسرار الله زهري شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۽ اي پي سي گهرائڻ جي سفارش ڪئي وئي جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آصف زرداري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته يمن جي صورتحال تي سمورين تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو وڃي جنگ ۾ شموليت ۽ فوجي دستا موڪلڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻو پوندو ان اهم مسئلي تي تحريڪ انصاف سان به مشاورت چاهيون ٿا،  آصف زرداري جو چوڻ هو ته  سعودي عرب جي سالميت عزيز  آباد پر خطي جو امن به قائم رکڻ گهرجي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اڳوڻي صدر زرداري چيو ته اسلامي ملڪن ۾ باهه لڳل آهي يمن صورتحال ۽ خطي جي سيڪيورٽي خطري ۾ آهي يمن جي صورتحال تي پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستارچيو ته يمن جي معاملي تي قومي پاليسي واضح ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سڀني کي گڏ ويهارڻ گهرجي، قومي پاليسي کانپوءِ جيڪڏهن ڪوبه نتيجو نڪرندو ته پوءِ سڀ ئي ذميوار هوندا، يمن جي صورتحال تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي ذميواري سان قومي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *