يمني باغي ڪمزور ٿي چڪا : سعودي فوجي ترجمان

رياض (م.ڊ) سعودي اتحادي فوج جي ترجمان چيو آهي ته يمني باغي ڪمزور ٿي چڪا آهن ڪنهن کي سعودي عرب جي فضائي حدن جي خلاف ورزي نه ڪرڻ ڏينداسين ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سعودي اتحادي فوج جي ترجمان  برگيڊيئر جنرل احمد العسيري چيو ته حوثي باغين يمن جي علائقي لهج کان ڪيترائي رضاڪار اغوا ڪيا آهن حوثي باغي شخصت کان پوءِ صنعا مان جنگي سامان کڻي ٻين علائقن ڏانهن ڀڄي رهيا آهن هن چيو ته آمريڪي ملڪ جيوتي اتحادي فوج لاءِ زميني ۽ فضائي رستا کولي ڇڏيا آهن يمني فضائي حدن ۾ داخلا لاءِ جهازن کي اتحادي ملڪن کان اجازت وٺڻي پوندي ڪنهن کي سعودي عرب جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *