يقين ڪرڻ ۾ وقت لڳو ته سري ديوي اسان ۾ ناهي رهي: ماڌوري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ چيو آهي ته هن کي گھڻن ڏينهن تائين يقين نه آيو هو ته سري ديوي هاڻي اسان ۾ ناهي رهي. بالي ووڊ جي چاندني سري ديوي کي مداحن کان وڇڙئي هڪ سال گذري ويو آهي پر سندس مداحن ۽ ساٿي اداڪارن لاءِ اڄ به ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته سري ديوي هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي ۽ تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ بالي جي ڌڪ ڌڪ گرل اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ سري ديوي کي ياد ڪندي چيو آهي ته کيس ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳو ته سري ديوي هاڻي اسان ۾ ناهي رهي. ماڌوري ڊڪشٽ ڊگھي بعد فلم ” ٽوٽل ڌمال “  ۽ ”  ڪلنڪ“ ذريعي بالي ووڊ ۾ واپسي ڪري رهي آهي .  فلم ” ڪلنڪ “  ۾ مرڪزي  ڪردار ماڌوري کان اڳ سرڳواسي اداڪارا سري ديوي ڪرڻ واري هئي پر هن جي اوچتو موت بعد ان ڪردار جي آڇ ماڌوري کي ڪئي وئي. ماڌوريءَ چيو ته جڏهن مون کي ان ڪردار آڇ ڪئي وئي هئي ان وقت آءٌ  سري ديوي جي موت سبب صدمي ۾ هيس مان فلم جي هدايتڪار کي چيو ” ڇا توهان واقعي چاهيو ٿا ته مان اهو ڪردار ادا ڪريان؟ “  جنهن جي جواب هاڪاري جواب کانپوءِ مان اهو ڪردار لاءِ حامي ڀري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *