ياسر شاهه ڊوپ ٽيسٽ ڪيس، تفصيلي رپورٽ پي سي بي کي ملي وئي,2 سالن جي پابندي جو خطرو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر ياسر شاهه جي ڊوپ ٽيسٽ جي تفصيلي رپورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ملي وئي،جنهن کانپوءِ شق ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ياسر شاهه مٿان ٻن سالن جي پابندي لڳي سگهي ٿي.ميڊيا رپورٽ مطابق قومي اسپن بالر ياسر شاهه جي ڊوپ ٽيسٽ جي تفصيلي رپورٽ پي سي بي کي ملي وئي جنهن کانپوءِ اهو شق ظاهر ڪيو پيو وڃي، ته ياسر شاهه جي راند تي ٻن سالن جي پابندي لڳي سگهي ٿي،جڏهن ته ياسر شاهه جي معاملي تي پي سي بي جي قانوني ماهرن رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، ٻئي پاسي پي سي بي اختيارين پاران چيو پيو وڃي ته قومي اسپن بالر جي ڊوپ ٽيسٽ آئي سي سي جي پينل ۾ چيلينج نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *