ياسر شاهه وڏي سزا کان بچي ويو،آءِ سي سي ڊوپ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي ٽن مهينن جي پابندي هڻي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز) ڊوپ ٽيسٽ ۾ معطلي جو شڪار پاڪستاني ليگ اسپنر ياسر شاهه وڏي سزا کان بچي ويو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ياسر شاهه تي ٽن مهينن جي پابندي هڻي ڇڏي، اهڙي طرح هو 27 مارچ تائين ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو. ياسر شاهه جو گذريل سال 13 نومبر تي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز دوران رينڊم ڊوپ ٽيسٽ ورتي وئي هئي جيڪا پازيوٽو آئي ۽ سيمپل ۾ ڪلورٽا ليڊون جا اثر ظار ٿيا جنهن کان پوءِ آءِ سي سي کيس گذريل سال 27 ڊسمبر تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو. آءِ سي سي 29سالن جي ياسر شاهه تي ٽن مهينن لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن اهڙي طرح هو 27 مارچ تائين راند جي ميدان کان پري رهندو.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *