
ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز)ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ خلاف ابو ظهبي ٽيسٽ ۾ ياسر شاهه پنهنجي ٻي وڪيٽ حاصل ڪئي ته سندس 200 وڪيٽون مڪمل ٿيون. اهڙي نموني هن آسٽريلوي ليگ اسپنر ڪليري گرمٽ جو 1936 ۾ 36 ٽيسٽ ميچن ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ياسر شاهه 33 ميچن ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي نموني پهريون بالر بڻجي ويو آهي جنهن تيز ترين 200 وڪيٽون مڪمل ڪيون آهن. ليگ اسپنر ياسر شاهه نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 14 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، جيڪا سندس ڪيريئر جي بهترين بالنگ آهي.