ياد رکو، جيڪڏهن اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته اپوزيشن وارا روئيندا: عمران خان

ڪلرسيدان (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ياد رکو جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا. ڪلرسيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ ووٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ لڳي رهي آهي، اڄ نه پر ڪيترائي ڀيرا مون کي پيسن جي عيوض سينيٽ جي سيٽ وڪڻڻ جي آڇ ٿي، سينيٽ جي سيٽ وڪڻڻ لاءِ سڌا سنوان ۽ بالواسطه رابطا ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ اوپن بيلٽ جو معاهدو ڪري چڪي آهي، آئون مسلم ليگ ن جي اوپن بيلٽ جي مطالبي جي تائيد ڪري چڪو آهيان. هن چيو ته اصل ايشو اِهو آهي ته ڇا هن مووده سسٽم جي تحت اليڪشن ٿيڻ گهرجي يا نه، ووٽن جي وڪري ۽ خريداري ۾ سڀ کان وڌيڪ مال مولانا فضل الرحمان ٺاهيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ياد رکو جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا، سيڪرٽ ووٽنگ جي تحت حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون. سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪڻڻ واري ويڊيو جي معاملي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مون وٽ ويڊيو هجي ها ته گهڻو اڳ ئي ان کي  عدالت ۾ کڻي وڃان ها، هاڻ معاملو 40 ڪروڙ کان نڪري 80 ڪروڙ جي آفر تائين پهچي چڪو. ان کان اڳ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جو فرض هوندو آهي ته ڪمزور طبقي جي مدد ڪري. سندس چوڻ هو ته مستحقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏئي رهيا آهيون ۽ سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته احساس پروگرام ۾ فنڊن جي ورڇ منصفاڻي ڪئي آهي، اسان احساس ڪارڊ رڳو ميرٽ جي بنياد تي ورهايا آهن. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته احساس ڪفالت پروگرام شفاف آهي، ڪير ان جي شفافيت تي آڱر نٿو کڻي سگهي. سندس چوڻ هو ته لبنان جي حڪومت ڪورونا جي دوران سياسي بنيادن تي ماڻهن ۾ پيسا ورهايا، لبنان ۾ رقم جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري ماڻهو مظاهرو ڪري رهيا آهن پر هتي ڪير به اِهو نٿو چئي سگهي ته اسان پروگرام ۾ رقم جي ورڇ غير منصفاڻي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *