وڪٽ بولنگ جي لاءِ آهي ۽ ڪوشش هوندي ته پاڪستان کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪريون:مشفيق الرحيم

ميرپور(اسپورٽس نيوز)ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ميرپور شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش  جي ڪپتان مشفيق الرحيم ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، مشفيق الرحيم جو چوڻ آهي ته وڪٽ بولنگ جي لاءِ آهي ۽ ڪوشش هوندي ته پاڪستان کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪريون. ان جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، روبيل جي جاءِ تي شهادت حسين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته وڪٽ تي ڇپر ۽ بائونس آهي، اگر اسان به ٽاس کٽون ها ته پهريان بولنگ ڪريون ها. بنگلاديش خلاف وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ميچ ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ذوالفقار بابر جي جاءِ تي عمران خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستاني ٽيم مصباح الحق، محمد حفيظ، سميع اسلم، اظهر علي، يونس خان، اسد شفيق، سرفراز احمد، وهاب رياض، جنيد خان، ياسر شاهه ۽ عمران تي مشتمل آهي. واضح رهي ته دوره بنگلاديش ۾ پاڪستان ٽيم ڪاميابي کان اڃا تائين محروم آهي. ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته رانديگر آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *