وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ وارن خلاف ايندڙ هفتي وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين، سوشل ميڊيا تي فتويٰ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايندڙ هفتي سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪنداسين.هن چيو ته نفرت پکيڙيندڙ ڳالهين کي عام ميڊيا تي گھڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي، اهڙو طريقو ٺاهيو آهي جنهن سان سوشل ميڊيا تي به نفرت جوڳين تقريرن کي روڪي سگھنداسين. ڊجيٽل ميِڊيا رسمي ميڊيا تي حاوي ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳي مواد کي ڪنٽرول ڪيو ويندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي اچڻ سان اسان منظم طريقي سان وڌي رهيا آهيون، ڊائيلاگ بنيادي شرط آهي ۽ جيڪو ڊبيٽ ڪندو آهي ان خلاف فتويٰ ڏني وينديون آهن، ڪنهن کي حق ناهي ته ٻين جي آزادي ختم ڪري.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *