وڏي ڄمار وارن بي گهر ماڻهن لاءِ مرڪز قائم ڪيو وڃي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سماجي بهبود کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي وڏي ڄمار وارن بي گهر ماڻهن لاءِ هڪ مرڪز قائم ڪن ته جيئن اهي ماڻهو بنا ڪنهن مشقت ۽ ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ بنا عزت واري طريقي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.هن اهڙي هدايت اڄ وزير اعليٰ هائوس ۾ سماجي بهبود کاتي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ۽ سماجي بهبود کاتي واري سيڪريٽري شارق احمد شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ڏٺو آهي ته وڏي ڄمار وارا ماڻهو پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سخت مشقت ڪري يا نه ته ٻئي جي اڳيان هٿ ڦهلائيندا آهن. اهي ٻئي صورتحالون وڏي ڏکوئيندڙ آهن ۽ حڪومت کي ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن وڏي ڄمار وارن بي گهر ماڻهن لاءِ خوبصورت گهر ٺاهيا وڃن جتي هو عزت سان زندگي گزاري سگهن. سماجي بهبود کاتي جي سيڪريٽري شارق احمد ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايت تي “کدڙي فقيرن“ لاءِ ٽي بحالي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ کين مختلف شعبن ۾ ڪمپيوٽر جي تربيت فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ ٻيا ڪورسز ڪرايا ويندا آهن. اهي ٽي مرڪز ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهن، جتي هر هڪ مرڪز ۾ 20 کان 25 جو انرولمينٽ آهي. وڏي وزير چيو ته اهڙي طرح جا تربيتي مرڪزن سان انهن لاءِ روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا ۽ انهن جي طرز زندگي ۾ به تبديلي ايندي. سنڌ جي وڏي وزير سماجي بهبود کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي کدڙي فقيرن لاءِ اهڙا وڌيڪ مرڪز قائم ڪن جتي انهن کي بنيادي تعليم به ڏني وڃي. هن چيو ته اسان انهن کي ڪارآمد شهري بڻائڻ چاهيون ٿا، نه ڪي اهي روڊ تي پني ڪري گزارو ڪن. اهي تعليم ۽ تربيت سان کين سرڪاري ملازمت به حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ چار دارالامان آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هُو انهن مرڪزن جو ذاتي طور تي دورو ڪري ۽ انهن جي ضروري تعمير، مرمت ۽ ديک بال کي يقيني بڻائي. سيڪريٽري سماجي بهبود ٻڌايو ته سندن کاتو خاص ٻارن ۽ وڏن لاءِ 12 بحاليءَ جا مرڪز به سنڀالي رهيو آهي انهن مان پنج وڏن لاءِ ۽ ست ٻارن لاءِ آهن. هن چيو ته ان کانسواءِ سندن کاتو ٽي دارالاطفال به سنڀالي رهيو آهن، انهن مان هڪ حيدرآباد، هڪ ڪراچي ۽ هڪ سکر ۾ آهي. حيدر آباد ۾ واقعي سينٽر (دارالطفال) خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ آهن. شارق احمد وڌيڪ ٻڌايو ته سندن کاتو سموري صوبي ۾ 76 سينٽر به هلائي رهيو آهي جتي اسٽيچنگ ۽ ايمبرائيڊري جي تربيت ڏني ويندي آهي. اهي مرڪز غريب ڇوڪرين ۽ عورتن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ هتان تربيت حاصل ڪري عورتون باعزت روزگار حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته سندن کاتو مختلف ضلعن ۾ اٺ ڪميونٽي ڊولپمينٽ سينٽر به هلائي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سماجي بهبود کاتو سٺي ريت ڪم ڪري رهيو آهي پر کين وڌيڪ بهتريءَ جي ضروت آهي. هن چيو ته مان بي گهر وڏي ڄمار وارن ماڻهن لاءِ هڪ سينٽر قائم ڪرڻ چاهيان ٿو جتي 65 ورهين کان وڌيڪ ڄمار وارا  مرد ۽ عورتون رهي سگهن. هن چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هُو ان اسڪيم لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جي ڪم کي يقيني بڻائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *