وڏي وزير ۽ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي گورنر سنڌ سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ هائر ايجوڪيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم سان گڏ گذريل رات گورنر هائوس ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري صورتحال ۽ اعليٰ تعليم جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ٽنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته صوبي ۾ هائر ايجوڪيشن کي خاص اهميت ڏني ويندي ۽ تعليم جو معيار بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ وسيلا وڌايا ويندا ۽ ادارن کي ميرٽ جو نمونو بڻايو ويندو هن صوبي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ انهن لاءِ ضروري فنڊ جاري ڪرڻ جو عزم به ڪيو هن ان ڳالهه جو به اشارو ڏنو ته پيشاوراڻي تعليم کي وڌ کان وڌ زميني حقيقتن سان جوڙي شاگردن لاءِ روزگار جا بهتر ذريعا پيدا ڪيا ويندا هن انجينيئرنگ ۽ سوشل سائنسز ۽ ايگريڪلچر جي يونيورسٽين ۾ عملي امتحان کي انڊسٽري اورنٽيڊ بنائڻ تي به اتفاق ڪيو هن چيو ته يونيورسٽي جي سطح تي ريچرس ۽ ڊيولپمينٽ کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ۽ جاچ مقالن تي عملي صورت ڏيڻ تي غور ڪيو ويو ته جيئن اعليٰ نوعيت جا مقالا جن کي بين الاقوامي شهرت حاصل هوندي ان تي عمل ڪري بهتري نتيجا حاصل ڪري سگهجن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *