وڏي وزير ڪراچي ۾ جديد ترين سهولتن ۽ مشينريءَ سان ليس وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي علائقي سائيٽ ۾ جديد ترين سهولتن ۽ مشينريءَ سان ليس وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز (وي آءِ سي ايس) جي پيڙهه جو پٿر رکندي چيو ته ڪمرشل سامان کڻندڙ ۽ مسافر گاڏين جي فٽنيس جديد ترين اصولن جي روشنيءَ ۾ اعليٰ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪئي ويندي ۽ رڳو لاڳاپيل معيار وارن گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو. وهيڪل انسپيڪشن سينٽر جي سنگ بنياد واري تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن اسٽيشنز (وي آءِ سي ايس) پروگرام گهڻو اڳ شروع ٿيڻو هو بهرحال گهڻين ڏکيائيڻ بعد ان کي فعال ڪيو پيو وڃي، دير جو ڪارڻ بهتر نظام آڻڻ هو. اسان وهيڪل انسپيڪشن جو پروگرام تمام سٺي ڪمپنيءَ کي ڏنو آهي، خانگي ڪمپني اوپس (OPUS) جي شراڪتداريءَ سان وهيڪل انسپيڪشن جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته روڊن تي جيڪي گاڏيون هلي رهيون آهن انهن جي ڪابه چڪاس نه آهي، اسان ڪروڙن رپين جون گاڏيون خريد ڪندا آهيون پر ڪجهه هزار رپيا ڏئي فٽنس ناهيون ڪرائيندا ۽ نتيجو حادثي جي صورت ۾ جاني نقصان ذريعي سامهون ايندو آهي. مونکي ياد آهي ته لنڪ روڊ تي گاڏيءَ جي فٽنس نه هئڻ ڪري حادثي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو هو، اسانکي گهرجي ته روڊن تي هلندڙ گاڏين جي چڪاس ڪرايون. هن چيو ته سائيٽ جي انفراسٽريڪچر کي بهتر ڪرڻ لاءِ تعميراتي رٿائن تي 9 بلين رپيا لاڳت اچي رهي آهي، جنهن تي هڪ بلين رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو آهي ۽ مان سمجهان پيو ته سائيٽ ايسوسيئيشن سٺو ڪم ڪري ڏيکاريندي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته گرين لائن جي تعمير وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، جڏهن ته اورنج لائن جي تعمير سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ انشاءَ الله اهي ٻئي منصوبا هڪ ئي وقت ۾ مڪمل ٿيندا. انهن ٻنهي منصوبن جو بس آپريشن سنڌ حڪومت ڪندي جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ييلو لائن منصوبي تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون ۽ ريڊ لائن منصوبو بينڪ جي شراڪتداريءَ سان هلي رهيو آهي. اهي وڏا منصوبا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت گهربل آهي. سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم  ڪري رهي آهي ڪي ايم سي کي به بجيٽ ڏنو آهي ۽ هن وقت حالتون بهتريءَ ڏانهن وڃي رهيون آهن. هن ڪراچيءَ جي صفائيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ هن وقت ڪراچي ڊويزن جا ٻه ضلعا ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي اوڀر جون حالتون اڳ کان بهتر آهن، جن جو ڪم ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ تحت اسان ڪري رهيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ گهڻي وقت بعد روڊن کي ڌوئڻ وارو شروع ٿيو، گذريل هفتي ڪراچيءَ جي دوري تي مون ڏٺو ته هر دڪان اڳيان گند پيل هو جيڪو نهايت ئي خراب عمل آهي، حالانڪه ويسٽ مئنيجمنيٽ بورڊ طرفان هر ضلعي ۾ گند پيٽيون رکيون آهن، ماڻهن جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گند ڌٻن ۾ اڇلائن. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اسانجو ڌيان اسٽريٽ ڪرائم تي ڏنل آهي ياد رهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ هر ٻئي ڏينهن شٽرڊائون هڙتال ٿيندي هئي جنهن سان ڪاروبار متاثر ٿيندو هو پر هاڻ الله سائين جي مهرباني آهي ته 2017ع ۾ ڪو اهڙو دهشتگرديءَ جو واقعو پيش نه آيو. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم وڏي آبادي واري هن شهر ۾ دنيا جي ٻين وڏن شهرن کان تمام گهٽ آهي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترجيحي اپاءَ وٺي رهيا آهيو. ٽرانسپورٽ ۽ سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان لاءِ ان سينٽر جي شروعات تمام اهم آهي جنهن جو مقصد گاڏين کي بهتر حالت ۾ روڊ تي آڻڻ آهي، مون کي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته وڏي وزير پهرين گڏجاڻي ڄاڻايل پروگرام بابت رکي هئي. هن چيو ته گاڏين جي فٽنس سرٽيفڪيشن جو جديد نظام فعال ڪيو ويو آهي. وهيڪل انسپيڪشن سسٽم جي ماڊرن نظام سان هم آهنگ ورڪشاپس ابتدائي طور تي ڪراچيءَ ۾ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي بعد ۾ ڊويزنل هيڊڪواٽرز ۾ پڻ بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته نئين ڪمرشل ۽ پرائيوٽ مسافر ۽ سامان کڻندڙ گاڏين جي وهيڪل انسپيڪشن سرٽيفڪيشن پروگرام سان هر ٽن سالن بعد پاس ڪرائڻ لازمي هوندو. انهيءَ کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي پي ٽي فلاءِ اوور جو دورو ڪيو، اتي وڏي وزير مرڪزي رستن تي گند ڪچري جا ڍير ڏسي انتظاميا تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميونسيپل ڪمشنر ضلعو اولهه ڪراچي ڇا ڪري رهيو آهي؟ هر هنڌ گند جا ڍير آهن صاف ڪير ڪندو؟ وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي ميونسيپل ڪمشنر ضلعي اولهه ڪراچي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ کانسواءِ وڏي وزير سائيٽ ايسوسيئشن جي ڪمبائن افيوليئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پهچڻ تي قاسم سراج تيلي، زبير موتي والا ۽ ٻين کين آجيان ڪئي. پلانٽ شروع ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي واڌيون ڏيندي زبير موتي والا چيو ته روينو اسٽيمپ جو سائيٽ ۾ آڊٽ ٿيندو آهي پر هاڻ اي-اسٽيمپ جو دور آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي شهر کي شديد ضرورت آهي جيڪا مزدور طبقي کي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. زبير موتي والا وڏي وزير کي سائيٽ ايسوسيئشن لاءِ ڪنوينشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مطالبو پيش ڪيو. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افيوليئنٽ پلانٽ 12 ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت وڏي سيڙپ ڪري رهي آهي. سڀ کان وڌيڪ صنعتون ڪراچيءَ ۾ آهن، انهن جي افيوليئنٽ لاءِ وفاقي حڪومت کي فنڊ ڏيڻ گهرجن. ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ به اسانکي ناهي ملندو. هن چيو ته لياري ايڪسپريس وي به جلد شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير ڊي آءِ جي کي سائيٽ ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته سڪيورٽي بابت سائيٽ ايسوسيئشن سان گڏجي اپاءَ ورتا وڃن. هن صنعتڪارن کي سندن فيڪٽرين جو فرنٽ پرڪشش بڻائڻ جي هدايت ڏيندي اي-اسٽيمپ جي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سائيٽ جي ڪنوينشن سينٽر کي فنڊن ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *