وڏي وزير ٿر ۾ ڏڪار کي صدين جو تسلسل قرار ڏئي ڇڏيو

مٺي (نمائندو) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر ۾ ڏڪار کي صدين جو تسلسل قرار ڏيندي اعتراف ڪيو آهي ته وسيلا گهٽ ۽ ضرورتون وڌيڪ هئڻ ڪري هو ڏڪاري حالتن تي ضابطو ناهن آڻي سگهيا. مٺي ۾ هيلٿ فيسٽيول جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته فيسٽيول سان ٿر جي ماڻهن ۾ صحت بابت سجاڳي پيدا ٿيندي. هن چيو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿر جون حالتون هاڻي تبديل ٿي چڪيون آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪار صدين جو تسلسل آهي،ماضيءَ جي حڪومتن ڏڪار جي خاتمي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته سندن حڪومت ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي، روزگار، ترقياتي اسڪيمون ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته ٿر جي ترقي ۽ بنيادي سهولتون سندن پهرين ترجيح آهي،جڏهن ته ٿرپارڪر کي مثالي ضلعو بڻايو ويندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته هيلٿ فيسٽيول ذريعي جاڳرتا پيدا ڪري ٻارن جي موت وارن واقعن کي گهٽائي سگهجي ٿو. تقريب کي صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽر مهيش ڪمار، خيرالنساءَ مغل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *