وڏي وزير پاران ڪيٽي بندر واقعي تي افسوس جو اظهار، سڙي زخمي ٿيلن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي( اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٺٽي ضلعي ۾ ڪيٽي بندر ۾ واقع ڳوٺ جي جهوپڙين ۾ لڳل باهه سبب هڪ ئي خاندا جي 10 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪيٽي بندر ۾ انساني جانين جو ضايع ٿيڻ هڪ وڏو الميو آهي جنهن جو خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. وڏي وزير ڪيٽي بندر جي لاڳاپيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو ڄاڻايل جاءِ جو معائنو ڪري فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان کان علاوه هن جهوپڙين ۾ رهندڙن جي مدد لاءِ بهتر اپاءَ ورتا وڃن ۽ سڙي زخمي ٿيلن کي فوري طور تي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو وڃي ۽ انهن کي علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ ان ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. وڏي وزير سڙي فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *