وڏي وزير پاران صوبي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس، ٽاسڪ فورس قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي سنڌو درياءَ جي رائيٽ بينڪ علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو رائٽ بئنڪ جي پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ ضروري قدم کڻي. پاڻي جي شديد کوٽ وارن علائقن ۾ ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻيا ضلعا شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته رائيٽ بينڪ وارن علائقن مان ڪئنال سسٽم ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ تُرت اُپاءُ ورتا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوام کي هر صورت ۾ پيئڻ جو پاڻي ملڻ گهرجي ۽ سڀاڻي شام تائين پاڻي پهچائي سندس رپورٽ ڏني وڃي. ڪراچي واٽر بورڊ جو اجلاس: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي واٽر بورڊ بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، خاص مددگار وقار مهدي، نجمي عالم، واٽر بورڊ جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي چوري ۽ زيان جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو چيئرمين مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه هوندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، واٽر بورڊ جا چيف انجنيئرز شامل هوندا. وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ نجمي عالم به ٽاسڪ فورس جو حصو هوندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽاسڪ فورس ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ لاڳاپيل انجنيئرن سان گڏجي غير قانوني ڪنيڪشن، هائيڊرنٽس ۽ پاڻي چوري خلاف وڏو آپريشن ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واٽر بورڊ جي بلڪ ۽ ڊسٽريبيوشن سسٽم تي الڳ مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي مختلف واٽر سسٽم تي ميٽر لڳايا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سموري ڊسٽري بيوشن سسٽم جي ميپنگ ڪري ۽ وڌيڪ چيو ته شهر جي مختلف علائقن کي آبادي جي حساب سان پاڻي فراهم ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته واٽر بورڊ کي پنهنجو مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ جديد ميپنگ سسٽم ذريعي پنهنجي سمورن ڊسٽري بيوشن سسٽم جي بحالي به شامل هجي. هن چيو ته مانيٽرنگ سسٽم کانسواءِ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *