
ڄام شورو (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌ جي ڏورانهين ڳوٺن کي جلد شمسي توانائي جي زريعي بجلي فراهم ڪنداسي، اڱاري تي سيوهڻ کان ڄامشورو تائين ڊبل رود جي اڏاوت جي منصوبي جي پيڙه جو پٿر رکندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي روڊ ٺآهڻ منهنجي خواهش هئي ۽ ضرورت پئي ته هاڻي سيوهڻ وڃڻ لاءِ هيليڪاپٽر تي نه پر هن روڊ تان ويندس ته جيئن ڪوالٽي چيڪ ڪري سگھان، صحافين سان ڳالهائندي وڏي وزير چيو ته ڄآم شورو کان مانجھند تائين 64 ڪلوميٽر پهريون مرحلو آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ جنوري کان ٽينڊر جاري ڪنداسي ۽ هن روڊ تي پل ۽ انڊرپاس به ٺاهينداسي جتان منهنجو لنگھه به ٿئي ٿو، وڏي وزير چيو ته 2018 ۾ پ پ جي حڪومت ۾ ايندي اسان عوام جي خدمت جي لاءِ هر وقت حاضر آهيون هن اعلان ڪيو ته جلدي ڏورانهن علائقن ۾ جلدي شمسي توانائي سان بجلي ڏينداسي.