وڏي وزير پاران خريف ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اين اين آءِ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته خريف ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 10 کان 60 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي انڪري آبپاشي کاتي کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي هدايت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي ترجيح ڏني وڃي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ايندڙ خريف دوران امڪاني پاڻيءَ جي کوٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري آبپاشي جمال شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 9 مارچ 2017ع کان واهن ۾ موجود پاڻيءَ جي مختص ڪيل ڊسچارج ۾ کوٽ ٿي سگهي ٿي، اترين علائقن ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي برفباريءَ ۽ گرمي پد سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي ۽ اتان پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائيءَ ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ به پاڻي جي آمد ۾ کوٽ پيدا ٿي آهي. هن چيو ته جيتري تائين سنڌ جو تعلق آهي 2 کان 10 مارچ تي چشما بئراج وٽ روزانو 40000 سي ايف ايس پاڻيءَ بدران 22798 سي ايف ايس چشما ڊائون اسٽريم جو مجموعي وهڪري آهي، ان ۾ پنجاب جا واهه تونسا بئراج مان پنهنجي گهرج جو پاڻي وٺندا آهن. سيڪريٽري آبپاشيءَ چيو ته 18 مارچ کان پاڻيءَ جي امڪاني کوٽ شروع ٿي آهي ۽ اها اپريل پهرين ڏهن ڏينهن ۾ 10 کان 60 سيڪڙو ٿيندي. هن چيو ته اهڙي صورتحال سال 2012ع ۾ ٿي هئي ۽ 2017ع ۾ ان وقت کان وڌيڪ برفباري ٿي آهي. برفباريءَ سبب اسڪردو ۾ گرمي پد گهٽيو آهي. ارسا ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن برف پگهرڻ ۾دير يا برسات پوڻ ۾ تاخير ٿي ته صرتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي ۽ پاڻي جي کوٽ اپريل 2017ع جي آخر تائين ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سيڪريٽري آبپاشيءَ کي هدايت ڪئي هئي ته هُو سمورن ٽنهي بئراجن جي چيف انجنيئرز سان اجلاس منعقد ڪري ۽ کين صوبي کي پيش ايندڙ پاڻي جي کوٽ ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري. سيڪريٽري آبپاشيءَ چيو ته هن چيف انجنيئرز سان اجلاس منعقد ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي واضح ڪئي آهي. هن حڪمت عمليءَ بابت ٻڌائيندي چيو ته 31 مارچ کان گڊو بئراج جو ساليانو بندش جي عرصي وارو شيڊول هوندو، تيستائين واهن جي سطح گهٽ هوندي ۽ اها بلوچستان (1000 سي ايف ايس) کي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ 249 آر ايل، پاور اسٽيشن ۽ گهوٽڪي ڪئنال (1000 سي ايف ايس) هوندي. پهرين اپريل تي بئراجن جا دروازا کوليا ويندا ۽ پاڻي ڊائون اسٽيم ڏانهن موڪليو ويندو. سکر بئراج بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سکر بئراج جو مجموعي انخلا ان عرصي دوران 10100 سي ايف سي هوندو. اين ڊبليو سي تي رائيٽ بينڪ ۽ دادو ڪئنال 31 مارچ تائين شيڊول بندش ڪري بند هوندو، بلوچستان جو 3 مارچ تائين سکر بئراج رائيٽ بينڪ مان روزانو جو حصو 700 سي ايف ايس آهي جنهن کي 31 مارچ تائين يقيني بڻايو ويندو، جيتوڻيڪ اين ڊبليو سي ۽ دادو ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي. خيرپور فيڊر ايسٽ ۽ ويسٽ هر هڪ ۾ (-50%) 650 سي ايف ايس پاڻي جاري ڪيو ويندو، روهڙي ڪئنال 3 ۾ آپريٽ ٿيندو ۽ 5000 سي ايف ايس پاڻي وصول ٿيندو. نارا ڪئنال ۾ به ٻن گروپس ۾ آپريٽ ٿيندو ۽ 3800 سي ايف ايس وصول ٿيندو. ڪوٽڙي بئراج بابت حڪمت عملي تي ڳالهائيندي جمال شاهه چيو ته سکر بئراج کان ڪوٽڙي بئراج لاءِ 3000 سي ايف ايس پاڻي جاري ڪيو ويندو. ڪوٽڙي بئراج جي 3 مارچ دوران مختص پاڻي روزانو 4000 سي ايف ايس آهي. سکر بئراج ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ئي ڪوٽڙي بئراج کي پاڻي جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني ويندي ته جيئن خريف جي شروعاتي گهرجن کي پورو ڪري سگهجي. پهرين اپريل دوران ڪوٽڙيءَ لاءِ مختص ڪيل پاڻي 6500 سي ايف ايس هوندو. ان تي وڏي وزير آپباشي کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻيءَ جي کوٽ بابت عوام کي فوري طور تي آگاهه ڪري. هن چيو ته پيئڻ جي پاڻيءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نارا ۽ روهڙي ڪئنال لاءِ پهرين مئي کان ڪپهه جي پوکي ۾ دير ڪئي وڃي ۽ گهوٽڪي ڪئنال لاءِ 15 مئي ڪئي وڃي. اپريل جي آخر ۾ صورتحال کي ڏسندي سارين جي پوکي بابت غور ڪيو وڃي. هن چيو ته رائس ڪئنال ڪمانڊ جي کاتيدارن کي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ هڪ نئين حڪمت عملي واضح ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته لاڳاپيل چيف انجنيئرز سان صلاح مشوري بعد واهن ۾ پاڻيءَ جي ايڊجسٽمينٽ ۽ ڊسچارج هئڻ گهرجي. ڪوٽڙي بئراج ۾ وصول ٿيندڙ پاڻيءَ جي تناسب بابت اتان کان پاڻي وٺندڙ واهن ۽ بئراجن جي حوالي سان پيئڻ جي پاڻي جي ضرورتن کي ترجيح ڏني وڃي. سيڪريٽري آبپاشيءَ چيو ته اٽڪل سمورن واهن جي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برداشت ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي صورتحال پهرين به ٿي آهي ۽ اهڙي صورتحال کي بهتر ريت منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي آپريشن کي وڌايو ويندو ته جيئن گهڻي عرصي تائين ڪراچيءَ جي پاڻي جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هُو واٽر اينڊ ڊرينج سسٽم واري اداري کي مشورو ڏئي ته هو سمورن درياهن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ کوٽ ۽ واهن ۾ موجوده پاڻيءَ جي قلت کي ڏسندي شهر ۾ پاڻيءَ جي بهتر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي هڪ وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ساڻس مختلف مامرن بشمول ترقياتي اسڪيمن، پاڻي جي فراهمي جي اسڪيم سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد جي اڳواڻي سينيٽر سعيد غني ڪري رهيو هو، جڏهن ته وفد جي ٻين ميمبرن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر مرتضيٰ بلوچ، ساجد جوکيو، ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرز ۽ ٻيا شامل هئا. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ جنرل سيڪريٽري پي پي پي سنڌ وقار مهديءَ خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پي پي پي جي نون چونڊيل ميمبرن شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي واکاڻ ڪندي وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته ترقياتي ڪمن جي مقرر ڪيل مدي ۾ تڪميل لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. هنن چيو ته ڪراچيءَ جي ريگيولرائيڊ آبادي ۽ ڪچي آبادين ۾ سمورين بنيادي سهولتن جي فراهميءَ کي به يقيني بڻايو وڃي. هنن چيو ته ضلعي شرقي ۽ ملير جي مختلف ڳوٺن ۾ بجلي ۽ پاڻي دستياب نه آهي. وڏي وزير کين يقين ڏياريو ته شهر ۾ جاري ڪمن جي هُو ذاتي طور تي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي جيتري قدر ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جو تعلق آهي ته اهي به تمام جلد شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن کي بجلي فراهميءَ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي ضروري فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو ڪراچي جي شهرين ۽ ٻهراڙي جي رهواسين بهتر کان بهتر خدمت لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته مقامي پارٽي اڳوڻن کي به گهرجي ته اهي اڳتي وڌي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪن ته جيئن انهن جو تدارڪ ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *