وڏي وزير پاران ايف آءِ اي ۽ نيب جي ڪردار کي سنڌ ۾ محدود ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران وزيراعظم آڏو سنڌ اندر وفاقي ادارن جي ڪارروائين تي سخت احتجاج ڪندي ايف آءِ اي ۽ نيب جي ڪردار کي سنڌ ۾ محدود ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم نواز شريف وڏي وزير کي سمورا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ ۾ وفاقي ادارن جي ڪارروائين واري معاملي کي اُٿاريو.وڏي وزير چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي وفاقي ادارا آهن، صوبي اندر مداخلت نه ڪن، نيب جي ڪردار کي واضح ڪيو وڃي، ايف آءِ اي ۽ نيب جي ڪردار کي سنڌ ۾ محدود ڪيو وڃي، ٻنهي ادارن جي سنڌ اندر ڪارروائي ڪرڻ انهن جي اختيارن ۾ نٿي اچي.سيد قائم علي شاهه چيو ته هو صوبي جو چيف ايگزيڪيٽو آهي پر کيس ڪجهه ٻڌايو نٿو وڃي، ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ کان پهرين کيس ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي، نيب پلي بارگينگ تي به اعتماد ۾ نٿي وٺي، پلي بارگينگ جا پئسا ڪيڏانهن وڃن ٿا کيس خبر هجڻ گهرجي.وڏي وزير چيو ته صفورا سانحي ۽ شڪارپور امام بارگاه تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، ڪراچي ۾ دهشتگردي، ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ٻين واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي….اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف پاران وڏي وزير کي سمورا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *